ڊکڻ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو ڳوٺ جوابپور ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هڪٻئي جي مورچن تي حملا فائرنگ جي نتيجي ۾ حب علي چانڊيو ڌر جو طارق چانڊيو قتل …
تفصيل »پاڪستاني پوليس آفيسرن کي تربيت لاءِ ترڪيه اماڻڻ جو فيصلو
پاڪستان ايڪسچينج پروگرام جي تحت پوليس آفيسرن کي تربيت جي لاءِ ترڪيه اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي گهرو وزارت پهتو جتي سندس وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ٿي ملاقات ۾ پاڪستان ترڪيه لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون …
تفصيل »خيبرپختونخواهه جي حڪومت وزيرن جي ڪارڪردگي تي انٽرويو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو
خيبرپختونخواهه جي حڪومت وزيرن جي ڪارڪردگي کانئن انٽرويو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. صوبائي وزيرن کان اطلاعات کاتي جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي انٽرويوز ورتا ويندا جڏهن ته ڪي پي ڪي حڪومت موجب شهري انٽرويوز ۾ سڌو سنئون پنهنجون شڪايتون وزيرن تائين پهچائي سگهن ٿا. انٽرويو ۾ وزيرن …
تفصيل »پشاور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، عورت پٽ ۽ 3 ڌيئرن سميت قتل
پشاور ۾ اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري عورت کي 3 ڌيئرن ۽ هڪ پٽ سميت گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب واقعو شاهپور جي علائقي ۾ پيش آيو جتي جوابدار ڏوهه کان پوءِ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، قتل ٿيندڙن ۾ 40 ورهين جي نورين، 18 ورهين …
تفصيل »هر پاڪستاني لاءِ مڪمل مذهبي آزادي آهي، صدر، وزيراعظم جو اقليتن جي قومي ڏينهن تي پيغام
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اقليتن جي قومي ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته هر پاڪستاني کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جو مذهب اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ کي …
تفصيل »جي يو آءِ تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي
جمعيت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ ڳالهين واري ڪميٽي کي پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي سان جلد ڳالهيون ڪرڻ جي اجازت ڏئي …
تفصيل »گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي مسجد نبوي جي امام سان ملاقات، خيبرپختونخواهه دوري جي دعوت
خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مسجد نبوي صه جي امام ڊاڪٽر صلاح محمد البدير سان اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب سان محبت ۽ احترام جي رشتي سان جڙيل آهي. خيبرپختونخواهه مذهبي حوالي سان انتهائي زرخيز …
تفصيل »ڊريپ کان دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار واپس وٺڻ جو فيصلو
ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان(ڊريپ) کان دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت جي اختيارين موجب دوائون جون قيمتون مقرر ڪرڻ جي لاءِ نئون ادارو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حياتيون بچائيندڙ دوائن جون قيمتون هاڻ نئون بورڊ مقرر …
تفصيل »اي اين ايف جي ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي، گاڏي مان 6 ملين ڊالر جي ڪرسٽل هٿ
اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس جي عملي ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي هڪ گاڏي مان 30 ڪلو گرام کان وڌيڪ اعليٰ ڪوالٽي جي هيروئن هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف جي ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي ڪراچي ۾ ضياءُالدين احمد روڊ تي ڪارروائي ڪئي وئي، چيڪنگ دوران هاءِ لڪس ريوو گاڏي …
تفصيل »دادو ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، ناري پٽ سميت اغوا، 2 ڄڻا زخمي
دادو ۾ نيو سبزي منڊي ويجهو هٿياربند هڪ گهر تي حملو ڪري پرڻيل ناريءَ کي پٽ سميت اغوا ڪري ويا، مزاحمت تي 2 ڄڻا زخمي، پوليس 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موجب 3 ڏينهن اڳ ناري انعم شاهاڻي کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو …
تفصيل »
Awami Mahaz Sindhi News Papers