تازا ترين

سنڌ

گورنر ڪامران ٽيسوري جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جي خواهش پوري ڪري ڇڏي

گورنر ڪامران خان ٽيسوري اُميد جي گهنٽي وڄائي پڪوڙن جو مطالبو ڪندڙ جماعت اسلامي ڪارڪن جي خواهش پوري ڪري ڇڏي. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس جي ٻاهران ئي تازه پڪوڙا ٺهرائي ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين ۾ ورهايا جنهن تي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌ جي گورنر جو ٿورو …

تفصيل »

ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڌرڻو

ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو.  2 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم نويد لاشاري جي وارثن ڀيڻ شمائلا لاشاري ۽ ڀاءُ وحيد لاشاري پاران به مغوي نويد لاشاري جي آزادي لاءِ احتجاج ۾ شريڪ ٿي ويا. …

تفصيل »

بلاول ڀٽو طرفان فرض جي ادائيگي دوران حياتيون قربان ڪندڙ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فرض جي ادائيگي دوران حياتيون قربان ڪندڙ پوليس جي شهيدن کي خراج  عقيدت پيش ڪيو آهي. يوم شهداءِ پوليس تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ شهرين جي …

تفصيل »

سنڌ ۾ سانوڻي جي برساتن تباهي آڻي ڇڏي، هيٺاهينءَ وارا علائقا ٻڏي ويا، فصلن کي نقصان

سنڌ ۾ سانوڻي جي برساتن تباهي آڻي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو جاري، هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي ۽ گئس جي فراهمي معطل، ماڻهن کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو مختلف علائقن ۾ گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب ٻن ٻارن سميت وڌيڪ  …

تفصيل »

سنڌ پاران پنهنجي بجلي ڪمپني ٺاهڻ جو اعلان، گئس جو حصو ڏيو:مراد شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ستر سيڪڙو گيس پيدا ڪندي آهي، اسان کي پنهنجي صنعتن لاءِ  آر ايل اين جيز بدران پنهنجي گيس جي ضرورت آهي ۽ ان تي سڀني فورمن تي ڳالهائينداسين. پاڪستان جي توانائي بحران جو حل فقط سنڌ وٽ آهي. …

تفصيل »

ٽيڪس جمع نه ڪرائيندڙ گاڏين خلاف ڪارروايون ٿينديون: شرجيل ميمڻ

ايڪسائز کاتي، حڪومت سنڌ انقلابي قدم کڻندي ٽيڪس نظام کي ون لنڪ سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، جنھن تحت عوام ھاڻي گھر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگھندا. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز …

تفصيل »

سنڌ حڪومت جو 2 لک گهرن کي سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 2 لک گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪري رهيا آهيون، چاهيون ٿا ته ٻوڏ متاثرن جي 20 لک گهرن کي به سولر سسٽم ڏيون. وزيراعليٰ هائوس ۾ 2 لک سولر هوم سسٽم ڪٽس جي فراهمي لاءِ صحيحن واري …

تفصيل »

حيدرآباد ۾ فصل جي ڀيل تان 10 ورهين جو ڌنار گوليون هڻي قتل

حيدرآباد جي علائقي سيري ۾ فصل جي ڀيل تان بااثر زميندار 10 ورهين جي ڌنار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب، ٻڪريون فصل ۾ پوڻ تان زميندار ڌنار نينگر مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب نينگر مارجي ويو. ايس ايس پي حيدرآباد چيو آهي ته زميندار جي …

تفصيل »

برساتن ۾ ماڻهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: سعيد عني

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته برساتن ۾ ماڻهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته وڌيڪ برساتون پونديون ته اسان جي سسٽم ۾ ايتري صلاحيت ناهي جو فوري نيڪالي ٿئي، ترقي يافتا …

تفصيل »

ڊنمارڪ پاران پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري، وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا پاڪستاني بندرگاهن تي ڊنمارڪ پاران 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ان حوالي سان صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته ڊنمارڪ پاڪستاني بندرگاهن کي ترقي ڏيڻ لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ …

تفصيل »