تازا ترين

سنڌ ۾ سانوڻي جي برساتن تباهي آڻي ڇڏي، هيٺاهينءَ وارا علائقا ٻڏي ويا، فصلن کي نقصان

سنڌ ۾ سانوڻي جي برساتن تباهي آڻي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو جاري، هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي ۽ گئس جي فراهمي معطل، ماڻهن کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو

مختلف علائقن ۾ گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب ٻن ٻارن سميت وڌيڪ  5 ڄڻا فوت، ٿاڻي بولا خان جي ڳوٺ  علي نواز برفت ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 65 ورهين جو علي محمد برفت ۽ سندس ننهن فوت ٿي ويا

دريا خان مري ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙي طفيلان اجل جو شڪار، صمد مري، طفيل ۽ نسيما مري  زخمي، باهو کوسو ڀرسان ڳوٺ شاهه دوست بنگلاڻي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 50 ورهين جي عائشا ۽ سندس پوٽو محمود دٻجي فوت ٿي ويا

نوشهروفيروز جي  سول اسپتال ۾ برسات جو پاڻي داخل، اسپتال جو اڱڻ ۽ وارڊ ڀرجي ويا، ڀريا سٽي، ڀريا سٽي، ٺارو شاهه، پڊعيدن، ڪنڊيارو ۽ ڦل ۾ برسات، قاضي احمد، سڪرنڊ، دوڙ، ڄام صاحب ۽ ٻانڌي ۾ وسڪارو

سانگهڙ، ڄام نواز علي،  شاهپور چاڪر، ٽنڊو آدم  ۽ شهدادپور ۾ برسات، مٽياري، ڀٽ شاهه،  هالا، نيو سعيد آباد ۽ سيکاٽ ۾ وسڪارو، مورو، منهڙو ۽ ڀرپاسي برسات پريالوءِ، ٺري ميرواهه ۽ ڪنب ۾ وسڪارو پيو

 ڏهرڪي، جيڪب آباد، ٺل، باهو کوسو ۽ ڀرپاسي  برسات،قمبر، فريد آباد، دادو، جوهي، قصبو، واهي پانڌي،  ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ ۾ به برسات پئي

 ٺڪراٺو ڀرسان مبارڪپور مائنر کي آر ڊي 33 وٽ 40 ۽ آر ڊي 65 وٽ لڳل 100 فٽ گهارا بند نه ٿيا، ٽنڊو آدم  ويجهو  روهڙي ڪئنال کي 50 فٽ گهارو، پاڻي ڳوٺ عالم ڏيرو ۾ داخل، برسات سبب اڪثر علائقن ۾  مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو

 

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے