تازا ترين

پاڪستان

گوادر ڌرڻو، بلوچستان جي وڏي وزير بلوچ يڪجهتي ڪائونسل کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي گوادر ۾ جاري ڌرڻي جي هڪ طرفي تصوير سوشل ميڊيا تي ڏيکاري ” پروپيگنڊا “ جي مذمت ڪندي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪائونسل کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي. بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير …

تفصيل »

اسلام آباد ۾ جلسو، پي ٽي آءِ قيادت لاءِ بُري خبر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي انتظاميا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي جماعت پاڪستان تحريڪ کي شهر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ خط ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ان فيصلي جي مختلف سببن جو ذڪر ڪيو. تحريڪ …

تفصيل »

مفتي شهاب الدين پوپلزئي غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو

شوال جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس مفتي شهاب الدين پوپلزئي جي صدارت هيٺ مسجد قاسم  علي خان ۾ ٿيندو.  خيبرپختونخواهه ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ سرڪاري زونل ڪميٽي جو اجلاس اوقاف هال ۾ ٿيندو. جڏهن ته غير سرڪاري رويت هلال ڪميٽي جو …

تفصيل »

الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جو صدر غزا متاثرن تان عيد ملهائڻ مصر پهچي ويو

الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جو صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان غزا جي زخمين ۽ پناهگيرن سان گڏ ملهائڻ قاهرا، مصر پهچي ويو، جتي هو چنڊ رات جي موقعي تي غزا جي متاثر خاندانن کي ميگا شاپنگ سينٽرن تان عيد جي شاپنگ ڪرائندو، زخمين ۽ ٻين پناهگيرن کي الخدمت طرفان فوڊ پيڪيج ۽ …

تفصيل »

ملڪ ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس جاري

ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا ڊگها امڪان آهن. جڏهن ته مرڪزي زونل رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي. ملڪ ۾ شوال المڪرم(عيدالفطر) جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي. …

تفصيل »

ايف بي آر جو ٽيڪس چورن جون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

ايف بي آر ٽيڪس چورن جون 5 لک سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي مشاورت سان 4 لک انڊر فائلرز جي سڃاڻپ جون تياريون ڪيون ويون آهن، جن قابل ٽيڪس آمدني هجڻ باوجود پنهنجا ريٽرن فائل نه ڪيا. اعليٰ سرڪاري ذريعن اها دعويٰ به …

تفصيل »

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سينيٽ ۾ قائد ايوان مقرر

وزيراعظم شهباز شريف، اسحاق ڊار کي سينيٽ ۾ قائد ايوان مقرر ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايوان قائد مقرر ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن به وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني 22 اپريل تائين اپوزيشن ليڊر جو نالو به طلب ڪري ورتو …

تفصيل »

5 ارب ڊالر سيڙپڪاري جو مرحلو جلد مڪمل ڪيو ويندو: وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد ۾ ملاقات جي پڌرائي جاري

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي. پڌرائيءَ موجب ٻنهي الصفا پيلس مڪي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سعودي ولي عهد عهدو سنڀالڻ تي شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پڌرائيءَ ۾ …

تفصيل »

عوام کي عيد جو تفحو، نيپرا بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آبادنيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي اگهه ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نيپرا فيبروري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ بجلي 4 رپيا 92 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن کانپوءِ صارفين کي اپريل جي بلن ۾ …

تفصيل »

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. بشريٰ بي بي جي سندس مڙس عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ سبب عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ …

تفصيل »