الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جو صدر غزا متاثرن تان عيد ملهائڻ مصر پهچي ويو
Author
اپریل 9, 2024
تازا ترين, پاڪستان
314 Views
الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جو صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان غزا جي زخمين ۽ پناهگيرن سان گڏ ملهائڻ قاهرا، مصر پهچي ويو، جتي هو چنڊ رات جي موقعي تي غزا جي متاثر خاندانن کي ميگا شاپنگ سينٽرن تان عيد جي شاپنگ ڪرائندو، زخمين ۽ ٻين پناهگيرن کي الخدمت طرفان فوڊ پيڪيج ۽ عيد جا تحفا فراهم ڪيا ويندا. ڊاڪٽر حفيظ الرحمان مصر جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران قاهرا ۾ قائم الخدمت ڪئمپ آفيس ۽ ويئر هائوس ۾ جاري امدادي سرگرمين جو جائزو وٺندو، گڏوگڏ غزا ۾ امدادي سرگرمين جي حوالي سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ هلال احمد مصر جي آفيشلز سان ملاقات به ڪندو، قاهرا جي ڀر واري علائقي اسمائيليه ۾ قائم الخدمت ويئر هائوس مان امدادي سامان جي نئين کيپ غزا لاءِ رواني ڪئي ويندي. ڊاڪٽر حفيظ الرحمان عيد جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جي دعا آهي ته انسانيت جنگين ۽ قدرتي آفتن کان محفوظ رهي ۽ هن دنيا ۾ امن قائم ٿئي. هن چيو ته عيد خوشين جو تهوار آهي ۽ اسان کي خوشي جي هن موقعي تي پنهنجي معاشري جي حقدارن ۽ محروم طبقن سميت غزا جي پريشان ڀائرن ۽ ڀينرن کي دعا ۾ ياد رکڻ گهرجي ۽ انهن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ فلسطين جو مفلر ۽ جهنڊو پائي عيد جي نماز ۽ ٻين تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته الخدمت فائونڊيشن سرندي وارن جي سهڪار سان پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.