اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ( اڳوڻي سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته جيڪڏهن اسان صادق ۽ امين نه رهياسين ته جج به صادق ۽ امين نه رهيا. اڳوڻي سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته ڀارت ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ سيڪيورٽي ڊفينس لائين جي جڏهن به ڳالهه سامهون آئي ته ڀارتي سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون کان مٿانهون ٿي پنهنجي ملڪ کي ترجيح ڏني. انهن جي عدالتي فيصلن تي جيتري به تنقيد ڪريون پر اهي جڏهن به پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ تي ايندا آهن ته سڀني شين کي سيڪنڊري ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پهرين ملڪ کي اوليت ڏيندا آهن. هن چيو ته اسان بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ هر شيءَ پهريان پنهنجي آهي، پهريان آئين، پهريان قانون آهي، اسان ڊفينس لائين سائيڊ تي لڳائي ڇڏي آهي. اسان فوج کي ڪناري تي لڳائي ڇڏيو، اسان ملٽري ڪورٽس کي ڪناري تي لڳائي ڇڏي، نجڪاري ٿي رهي آهي. اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي اربين روپين جو نقصان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي معاملي کي به عدالت اٿارڻ واري آهي. اڳوڻي سينيٽر چيو ته ريڪوڊڪ ۾ عدالتي نظام ۽ ان جي فيصلن اربين ڊالر جو نقصان ڪيو آهي. پاڪستان جي تباهي جا تاريخي فيصلا آيا اوهان ڪنهن کي صادق امين ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، اهو ڪڌو ڌنڌو آهي. اڄ پنجن جو بينچ نااهل ۽ ستن جو بينچ اهل ڪري ڇڏيندو. اڄ عمران خان آهي، سڀاڻي اهو به ڪنهن شيءِ جي تحت واپس اچي ويندو. هن چيو ته قانوني فيصلا صحيح طريقي سان نه ٿي سگهيا جنهن لاءِ اسان جو ملڪ پنج سئو سال پوئتي هليو ويو. اسان 141هين نمبر تي آهيون. اسان ڪرڪيٽ ميچ ۾ سينچري نٿا ٺاهي سگهون پر عدالتي ڍانچي ۽ ان جي ناانصافين سبب اهڙي اسپيڊ سان وڃي رهيا آهيون جو شايد اسان ڊبل نه پر ٽرپل سينچري به ڪري وينداسين. عدالتي نظام ۽ ڍانچي جو جيستائين احتساب نه ڪندو معاملا صحيح نه ٿيندا. فيصل واوڊا چيو ته نسلا ٽاور اوهان ڪيرائي ڇڏيو ٿا، ماڻهو برباد ٿي ويا، روڊن تي اچي ويا، خيرات گهري رهيا آهن اوهان نه بلڊر کي ڪجهه ڪيو نه اين او سي ڏيندڙن کي ڪجهه چيو، نه آرڪيٽيڪٽ کي ڪجهه نه ڪيو، نه ان وزير کي ڪجهه ڪيو ۽ نه ئي اڳواڻ کي ڪجهه ڪيو ته پوءِ اوهان ڪيو ڇا آهي؟ اڄ هڪ عدالت فيصلو ڏئي ٿي ته فلاڻي شخص کي ڦاهي ڏئي ڇڏيو ته 9 رڪني بينچ اچي چوي ٿي ته اهو فيصلو غلط هو، هاڻ ان شخص کي زنده ڪيئن ڪندو؟ اڳوڻي سينيٽر چيو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کان سواءِ دنيا جو ڪوبه شخص صادق ۽ امين جي معيار تي پورو نٿو لهي. انسان ته صادق ۽ امين نٿو ٿي سگهي. اهو ته غلطين جو پتلو آهي. اسٽيل مل به اربين روپين جو نقصان ڪري رهي آهي.
FEDERAL MINISTER FOR WATER RESOURCES, MUHAMMAD FAISAL VAWDA ADDRESSING A PRESS CONFERENCE IN ISLAMABAD ON OCTOBER 22, 2018.
Awami Mahaz Sindhi News Papers