تازا ترين

وزيراعظم شهباز شريف مير علي ۾ شهيدن جي گهر پهچي ويو، گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار

چڪلالا: (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف مير علي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ شهيدن جي گهر پهچي ويو. وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف علي شهيد جي گهر چڪلالا ويو، وزيراعظم ليفٽيننٽ ڪرنل سيد ڪاشف شهيد جي مغفرت ۽ ان جي گهر ڀاتين لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.

وزيراعظم تله گنگ ۾ ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهر به ويو. وزيراعظم شهيد جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي مغفرت ۽ سوڳوارن لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن ملڪ جي بقا خاطر پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو، مون سميت پوري قوم ملڪ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. شهيدن جا گهر ڀاتي پوري قوم لاءِ فخر جوڳا آهن.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پوري قوم ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. دفاع وارو وزير خواجه آصف ۽ اطلاعات، نشريات وارو وزير عطاءُالله تارڙ به وزيراعظم سان گڏ هو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے