تازا ترين

انشاءَ الله ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽينداسين: بابر اعظم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ورلڊ ڪپ 2023ع دوران افغانستان هٿان شڪست تي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ سڄي رات ننڊ نه آئي هئي. هڪ انٽرويوءَ دوران بابر اعظم چيو ته ڀارت ۾ خاص ڪري حيدرآباد ۾ جهڙي نموني آجيان ٿي ان تي سڀ دنگ رهجي ويا هئاسين جڏهن ته ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان خلاف ميچ هارائڻ تي ڏک ٿيو ۽ سڄي رات ننڊ نه آئي هئي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سخت محنت ۽ سچائي ڪاميابي جو بنياد آهي، ڪيريئر جي شروعات ۾ منصور رانا، اعجاز احمد ۽ علي ضياءَ تمام گهڻي مدد ڪئي. ڪپتاني بابت سوال تي بابر اعظم چيو ته ڪپتاني ذميواري آهي، سڀني کي گڏ کڻي هلندو آهي ، بيٽنگ ۽ ڪپتاني کي الڳ رکندو آهيان. هن ايندڙ عالمي ڪپ عزم جو اظهار ڪندي چيو ته انشاءَ الله ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽينداسين، پاڪستان کانپوءِ ٻي فيورٽ ٽيم نيوزيلينڊ آهي، ڪين وليمسن جي ڪور ڊرائيو پسند آهي، جڏهن ته پئٽ ڪمنز سڀ کان ڏکيو بالر آهي. پنهنجي شاديءَ جي تيارين بابت سوال تي بابر اعظم چيو ته ڀارت ۾ شيرواني ڏسڻ جي خبر درست ناهي ۽ نه ئي فلحال شادي جو ارادو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ميچ فڪسنگ جو الزام، آءِ سي سي جو ايڪشن

سريلنڪن اسپنر پراوين جيا وڪرما کان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے