تازا ترين

فوج جنگي حالتن ۾ ايندي آهي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي جلد ضابطو آندو ويندو:گهرو وزير

سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم قيادت سستي شهرت جي لاءِ بيان ڏئي رهي آهي. سنڌ جي گهرو وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آئين موجب فوج کي گهرائڻ جو طريقيڪار آهي. صرف جنگ جهڙي صورتحال ۾ فوج کي گهرايو ويندو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪجهه وقت لڳندو، يقين آهي ته اسان صورتحال تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين. ڪنهن به ڏوهاري قسم جي ماڻهو کي بخش نه ڪيو ويندو. جنهن به علائقي ۾ ڏوهه ٿيندو اتان جي پوليس آفيسر جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي گهرو وزير چيو ته سنڌ جو آءِ جي گهوٽڪي ۾ آهي ڪچي جي صورتحال ڏسي رهيا آهيون. حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن کي سرينڊر ڪرڻ جو موقعو ڏيندي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے