رانوتي جي ڪچي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿيڻ بعد صدمي ۾ ورتل ساٿي پوليس اهلڪار جو جذباتي وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو
رانوتي جي ڪچي ۾ بچاءَ بند تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪار جاويد پتافي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پوليس جا ڪرپٽ آفيسر، پاٿاريدار وڏيرا ۽ سنڌ حڪومت پوليس جي جوانن کي هٿ وٺي شهيد ڪرائي رهيا آهن
هن چيو ته ڪچي ۾ مقرر ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي لائيٽون، جديد هٿيار، ٻيو سامان ۽ ڪي به سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، ايس ايس پيز جي آفيسز ۾ پڪي جا ڌاڙيل ويٺل آهن
هن چيو ته ڪچي ۾ پوليس جا 5 اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن پر ڌاڙيلن خلاف ڪو وڏو آپريشن شروع نه پيو ڪيو وڃي، ڪچي جا بدبودار ۽ جنگلي ڌاڙيل روز پوليس اهلڪارن کي ماري رهيا آهن
هن چيو ته اسان جا آفيسر خاموش تماشائي بڻيل آهن، هتي اسان سخت تڪليف ۾ آهيون، رشوت وٺي اهلڪارن جون مقرريون ۽ بدليون ٿين پيون، جيڪو پئسا نٿو ڏئي ته ان کي ڪچي ۾ اڇلايو وڃي ٿو، ڌاڙيلن خلاف هڪ وڏو آپريشن شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو
Awami Mahaz Sindhi News Papers