تازا ترين

وقار يونس وٽ ڪهڙا ڪهڙا اختيار آهن؟ تفصيل سامهون اچي ويا

وقار يونس پي سي بي ۾ اهم عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي پر سمورا اختيار ملڻ باوجود هو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر نه ڪري سگهندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جي مقرريءَ جو اختيار هيڊ ڪوچ وٽ هوندو جيڪو پي سي بي چيئرمين کي سفارشون ڏيندو ۽ چيئرمين محسن نقوي ڪپتان جي نالي جي حتمي منظوري ڏيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين جي ڪرڪيٽ معاملن بابت صلاحڪار وقار يونس وٽ پاڪستان جي سموري ڪرڪيٽ هلائڻ جو مينڊيٽ آهي پر وٽس ڪپتان مقرر ڪرڻ جو اختيار نه آهي.

پي سي بي ذريعن موجب، وائيٽ بال جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن ۽ ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ڪپتان بابت فيصلو ڪندا ۽ پنهنجون سفارشون پي سي بي چيئرمين کي ڏيندا.

ٽيسٽ ٽيم جي قيادت شان مسعود ڪندو، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي باوجود بابراعظم جي ڪپتان طور مستقبل جو فيصلو وڌيڪ رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ميچ فڪسنگ جو الزام، آءِ سي سي جو ايڪشن

سريلنڪن اسپنر پراوين جيا وڪرما کان آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے