ڊي آءِ خان ويجهو ٽانڪ مان ايندڙ ججز جي اسڪواڊ تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ججن جي سيڪيورٽي تي مقرر 2 محافظ شهيد ٿي ويا آهن.
ڊي ايس پي ڊي آءِ خان حافظ محمد عدنان موجب واقعو هٿالا ويجهو پيش آيو، شهيد محافظن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ججن تي فائرنگ جو واقعو هٿالا ويجهو پيش آيو، علائقي کي ڪڙو چاڙهي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
Awami Mahaz Sindhi News Papers