مبارڪپور ويجهو موسيٰ شاخ کي گذريل ڏينهن لڳل 50 فوٽ گهارو وڌي 100 فوٽ ٿي ويو
پاڻيءَ ۾ چاڙهه بعد ڳوٺاڻن پاران وڌل مٽيءَ جا ٻاچڪا لڙهي ويا، گهاري جو پاڻي لاشاري ڳوٺ کي ٻوڙڻ بعد ڳوٺ جمن شاهه جيلاني ۾ داخل، قبرستان ۽ ساريالو فصل پاڻيءَ هيٺ
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن آبپاشي کاتي ۽ ڊي سي کي اطلاع باوجود گهارو ٻڌڻ لاءِ ڪير به نه پهتو، موسيٰ شاخ کي هڪ مهيني دوران 10 گهارا لڳي چڪا آهن، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارا بند ڪري رهيا آهن
Awami Mahaz Sindhi News Papers