سنڌ ۾ سانوڻي جي برساتن تباهي آڻي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو جاري، هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي ۽ گئس جي فراهمي معطل، ماڻهن کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو
مختلف علائقن ۾ گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب ٻن ٻارن سميت وڌيڪ 5 ڄڻا فوت، ٿاڻي بولا خان جي ڳوٺ علي نواز برفت ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 65 ورهين جو علي محمد برفت ۽ سندس ننهن فوت ٿي ويا
دريا خان مري ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙي طفيلان اجل جو شڪار، صمد مري، طفيل ۽ نسيما مري زخمي، باهو کوسو ڀرسان ڳوٺ شاهه دوست بنگلاڻي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 50 ورهين جي عائشا ۽ سندس پوٽو محمود دٻجي فوت ٿي ويا
نوشهروفيروز جي سول اسپتال ۾ برسات جو پاڻي داخل، اسپتال جو اڱڻ ۽ وارڊ ڀرجي ويا، ڀريا سٽي، ڀريا سٽي، ٺارو شاهه، پڊعيدن، ڪنڊيارو ۽ ڦل ۾ برسات، قاضي احمد، سڪرنڊ، دوڙ، ڄام صاحب ۽ ٻانڌي ۾ وسڪارو
سانگهڙ، ڄام نواز علي، شاهپور چاڪر، ٽنڊو آدم ۽ شهدادپور ۾ برسات، مٽياري، ڀٽ شاهه، هالا، نيو سعيد آباد ۽ سيکاٽ ۾ وسڪارو، مورو، منهڙو ۽ ڀرپاسي برسات پريالوءِ، ٺري ميرواهه ۽ ڪنب ۾ وسڪارو پيو
ڏهرڪي، جيڪب آباد، ٺل، باهو کوسو ۽ ڀرپاسي برسات،قمبر، فريد آباد، دادو، جوهي، قصبو، واهي پانڌي، ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ ۾ به برسات پئي
ٺڪراٺو ڀرسان مبارڪپور مائنر کي آر ڊي 33 وٽ 40 ۽ آر ڊي 65 وٽ لڳل 100 فٽ گهارا بند نه ٿيا، ٽنڊو آدم ويجهو روهڙي ڪئنال کي 50 فٽ گهارو، پاڻي ڳوٺ عالم ڏيرو ۾ داخل، برسات سبب اڪثر علائقن ۾ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو
Awami Mahaz Sindhi News Papers