تازا ترين

سنڌ

مبارڪپور ويجهو موسيٰ شاخ کي لڳل گهارو وڌي 100 فُٽ ٿي ويو

مبارڪپور ويجهو موسيٰ شاخ کي گذريل ڏينهن لڳل 50 فوٽ گهارو وڌي 100 فوٽ ٿي ويو  پاڻيءَ ۾ چاڙهه بعد ڳوٺاڻن پاران وڌل مٽيءَ جا ٻاچڪا لڙهي ويا، گهاري جو پاڻي لاشاري ڳوٺ کي ٻوڙڻ بعد ڳوٺ جمن شاهه جيلاني ۾ داخل، قبرستان ۽ ساريالو فصل پاڻيءَ هيٺ  ڳوٺاڻن جو …

تفصيل »

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري

ڪراچي جي مخلتف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي شهر ۾ 16 کان 19 آگسٽ تائين برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي حيدرآباد، ٺٽه ۽ بدين ۾ به هلڪي برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي طرفان اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف …

تفصيل »

جيڪڏهن ڪو شخص گم ٿي ويو هجي تڏهن به انهي کي ڳولڻ رياست جي ذميواري آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

گم ٿي ويل ماڻهن بابت ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص گم ٿي ويو هجي ته انهي  جي ڳولا ڪرڻ به رياست جي ذميواري آهي. رٽائرڊ ايف آءِ اي آفيسر سميت 10 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي درخواستن تي  ٻڌڻي سنڌ هاءِ …

تفصيل »

ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو. ذريعن موجب هلندڙ سال جو پهريون ڪانگو وائرس ڪيس جناح اسپتال ۾ رپورٽ ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريض کي بخار ۽ ڊائريا سبب اسپتال آندو ويو هو، مريض جي ڪانگو ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو، …

تفصيل »

حيدرآباد: فائرنگ سبب 2 نوجوان قتل، لاش رکي ڌرڻو

حيدرآباد ۾ جشنِ آزادي جي رات جدا جدا واقعن ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا.  جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. قتل ٿي ويل هڪ نوجوان جي وارثن لاش کڻي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. رپورٽ مطابق هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ شهيد بينظير فلاءِ …

تفصيل »

ٺارو شاهه ويجهو مسجد جو پيش امام ۽ ناري مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ قتل

ٺارو شاهه ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل مولوي مشتاق سيال ۽ پرڻيل ناري نصرت ڪلهوڙو جا لاش 10 ڪلاڪن بعد پوليس کڻائي اسپتال منتقل ڪيا ڀاڳو ديرو ۽ ڪمال ديرو ٿاڻن جي پوليس ۾ حدبندي جي تڪرار سبب 10 ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، اڄ صبح …

تفصيل »

گورنر سنڌ جي تبديلي جو هڪ طرفو فيصلو ٿيو ته حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه آهي: فاروق ستار

متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته(ن) ليگ سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو ته ايم ڪيو ايم لاءِ حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه هوندو. هن چيو ته سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جو گورنر …

تفصيل »

دادو: شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

 دادو جي ڪچي واري علائقي موندر ٿاڻي جي حد ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ چوپايو مال گوليون لڳڻ سبب مري ويو، 16 ڪلاڪن کان فائرنگ جو سلسلو …

تفصيل »

ڊکڻ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو، ٻيو زخمي

ڊکڻ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو  ڳوٺ جوابپور ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هڪٻئي جي مورچن تي حملا  فائرنگ جي نتيجي ۾ حب علي چانڊيو ڌر جو طارق چانڊيو قتل …

تفصيل »

اي اين ايف جي ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي، گاڏي مان 6 ملين ڊالر جي ڪرسٽل هٿ

 اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس جي عملي ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي هڪ گاڏي مان 30 ڪلو گرام کان وڌيڪ اعليٰ ڪوالٽي جي هيروئن هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف جي ترجمان موجب ڳجهي  اطلاع تي ڪراچي ۾ ضياءُالدين احمد روڊ تي ڪارروائي ڪئي وئي، چيڪنگ دوران هاءِ لڪس ريوو گاڏي …

تفصيل »